گمبٽ: گهر جا تالا ٽوڙي پورهيت جو ڪارگو ڪاهي ويا، متاثر جو احتجاج

1 Min Read

گمبٽ(ممتاز ميمڻ) بهارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽاڳڙو ۾ نامعلوم چورن پورهيت بلاول ڪوري جي گهر جا تالا ٽوڙي ڪارگو رڪشا ڪاهي ويا.

پورهيت بلاول ڪوري جو چوڻ آهي ته هن ڪارگو رڪشا قسطن تي ورتو هو ۽ ان ذريعي مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪندو هو، جيڪو رات جو چور گهر جا تالا ٽوڙي کڻي ويا.

پورهيت الزام هنيو ته بهارو ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي آهي، جڏهن ته چوري جي فرياد کڻي ٿاڻي پهتاسين ته رڳو ٻه پوليس اهلڪار موجود هئا ۽ ايس ايڇ او ٿاڻي تي موجود نه هو.

پورهيت ڪارگو رڪشا جي واپسي ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي لاءِ ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي

Share This Article
Leave a Comment