نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ڀرسان سادھوجا-ڦل لنڪ روڊ تي واقع ڦل ريگيوليٽر (موري) وٽ روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويل ٻن ڄڻن جا لاش هٿ ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.
رپورٽن موجب، گذريل ڏينهن شام جو پنجين وڳي ڳوٺ خبير خان وڳڻ جا رهواسي 19 سالن جو غلام علي ولد شمن علي وڳڻ ۽ 11 سالن جو معصوم علي ولد علي ڏنو وڳڻ ڪئنال ۾ ٻڏي ويا هئا.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي مقامي غوطا خورن فوري طور تي پهچي لاشن جي ڳولا شروع ڪئي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي.
ٻئي طرف، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز پاران ريسڪيو آپريشن کي تيز ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد کي ريسڪيو 1122 جي ٽيم فوري طور موڪلڻ لاءِ پڻ درخواست ڪئي وئي آهي.
ڊي سي جي هدايت تي روينيو کاتي جو عملو واقعي واري هنڌ موجود آهي ۽ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته لاش گهرن نه اچڻ ڪري متاثر گهرن ۾ ڪهرام متل آهي.

روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويل ٻن نوجوانن جي لاشن جي ڳولا لاءِ ڪوششون
Leave a Comment Leave a Comment

