سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) سنڌ جي ضلعي سانگهڙ مان تيل ۽ گئس جو نئون ذخيرو دريافت ڪري ورتو آهي.
او جي ڊي سي ايل جي ترجمان موجب، سانگهڙ ۾ واقع بوبي ڊيپ ون نالي کوهه مان روزاني 2 هزار بئرل تيل ۽ 1.1 ایم ايم سي ايف ڊي گئس جي پيداوار حاصل ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته هن نئين دريافت سان علائقي ۾ تيل ۽ گئس جي وڌيڪ ڳولا لاءِ امڪان روشن ٿي ويا آهن، جنهن سان ملڪي پيداوار ۽ ذخيرن ۾ وڏو اضافو ٿيندو.
هن اميد ظاهر ڪئي ته ان سان ملڪي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ، درامد ٿيندڙ ٻارڻ تي ڀارڻ گهٽائڻ ۽ پاڪستان جي امپورٽ بل کي گهٽ ڪرڻ ۾ به نمايان مدد ملندي.

سنڌ جي ضلعي سانگهڙ مان تيل ۽ گئس جو نئون ذخيرو دريافت، روز 2 هزار بئرل تيل نڪرندو
Leave a Comment Leave a Comment

