نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز سٽي پوليس ڪارروائي ڪندي ڪار سميت نشي آور سوپاريون سپلاءِ ڪندڙ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايس ايڇ او سٽي منعم لاڙڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي جوابدار ظفر لاشاري ولد رب نواز لاشاري ۽ سڪندر ولد خالق ڏاد لاهڻي کي سوگهو ڪيو ويو.
پوليس موجب گرفتاري دوران جوابدارن جي قبضي مان هڪ GLI ڪار ۽ Z-21 نشي آور سوپارين جا 10 ڪارٽن برآمد ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڪل 487 پاڪيٽ موجود هئا.
پوليس پاران ايس ايڇ او سٽي جي فرياد تي ٻنهي جوابدارن خلاف مينپوري گٽڪا ايڪٽ جي قلم 7/8 تحت ايف آءِ آر نمبر 235/2026 درج ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

نوشهروفيروز سٽي پوليس جي ڪارروائي، نشي آور سوپاريون سپلاءِ ڪندڙ ڪار سميت 2 جوابدار گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

