عمرڪوٽ: ٽيوشن سينٽر ۾ نياڻي سان غيراخلاقي حرڪتون ڪندڙ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جو آفيسر نڪتو

1 Min Read

عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) عمرڪوٽ جي هڪ ٽيوشن سينٽر ۾ پڙهندڙ معصوم نياڻي سان سينٽر جي ملازم پاران غيراخلاقي حرڪتن جو انتهائي افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سخت نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.
صوبائي وزير ايس ايس پي عمرڪوٽ سان فون تي رابطو ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
شروعاتي ڄاڻ موجب، معصوم نياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ ٽيوشن سينٽر جو ملازم پاڻ کي ٻارن جي تحفظ لاءِ جوڙيل اداري چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جو آفيسر ٻڌائي ٿو.
صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ان حوالي سان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معاشرتي سطح تي اهڙي ڪنهن به ڪردار کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ معصوم نياڻي سان ظلم ڪندڙ شخص کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي عبرتناڪ سزا ڏياري ويندي.

Share This Article
Leave a Comment