ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي واپاري مير رضا علي جي اغوا ۽ قتل واري ڪيس ۾ مقتول جي بزنس پارٽنر محمد احمد گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ محمد احمد پاران ضمانت کان اڳ گرفتاري لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن تي عدالت هڪ لک رپين جي عيوض عبوري ضمانت منظور ڪندي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي جاچ آفيسر ۽ درخواستگذار کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.
درخواستگذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ خالد ممتاز عدالت کي ٻڌايو ته سندس موڪل مقتول مير رضا علي جو بزنس پارٽنر هو ۽ ٻنهي جا ڪاروباري معاملا هئا. وڪيل موجب هڪ دڪان محمد احمد هلائيندو هو، جڏهن ته ٻئي دڪان جا معاملا مير رضا علي سنڀاليندو هو.
وڪيل جو موقف هو ته پوليس مير رضا علي جي اغوا ۽ قتل واري ڪيس ۾ محمد احمد کي پڻ جاچ ۾ شامل ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته محمد احمد پوليس سان جاچ ۾ سهڪار ڪري رهيو آهي، تنهن هوندي به کيس مبينا طور هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ گرفتاري جو خدشو آهي.
عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ محمد احمد جي عبوري ضمانت هڪ لک رپين جي عيوض منظور ڪري ورتي، جڏهن ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 15 آگسٽ تي ٿيندي.


