گمبٽ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

1 Min Read

گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) رپڙي ڀرسان پلاٽ جي مالڪي تان ڪلهوڙا برادريء جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

صادق ڪلھوڙو ٿاڻي جي حد ۾ ڪلهوڙا برادريء جي محمد مٺل ۽ بشير ڪلهوڙو جي ٻن ڌرين وچ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو.

 جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ميهر،موسيٰ، لعل بخش، اخلاق، مشتاق، وحيد، نادر، فرمان، زمان ۽ راشد ڪلهوڙو زخمي ٿي پيا آهن.

 زخمين کي ٿاڻي تان ليٽر وٺڻ بعد علاج لاءِ گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ميهر ۽ وحيد ڪلهوڙو جي حالت نازڪ آهي .

 ان ڏس ۾ صادق ڪلهوڙو پوليس ٻڌايو ته ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ آهي جنهن تان ڌرين هڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري هڪ ٻئي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي.

Share This Article
Leave a Comment