گڊو ۽ سکر بئراجن جي گيٽن جي تبديلي ۽ مرمت لاءِ 12 ارب رپيا رکيا ويا

1 Min Read

سکر (ويب ڊيسڪ) ورلڊ بينڪ جي مالي سهڪار سان گڊو ۽ سکر بئراجن جي گيٽن جي تبديلي ۽ مرمت لاءِ 12 ارب رپين جي لاڳت وارو اهم منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد سنڌ جي آبپاشي نظام کي جديد بڻائڻ ۽ زرعي پاڻي جي فراهمي کي وڌيڪ محفوظ ڪرڻ آهي.
سرڪاري ذريعن موجب منصوبي جي مجموعي لاڳت 12 ارب رپيا آهي، جنهن مان 11 ارب رپيا ورلڊ بينڪ امداد طور فراهم ڪندي، جڏهن ته باقي هڪ ارب رپيو سنڌ حڪومت پنهنجي ترقياتي فنڊ مان خرچ ڪندي.
منصوبي تحت ٻنهي بئراجن جي گيٽن جي تبديلي، مرمت ۽ فني بهتري جا ڪم ڪيا ويندا، جنهن سان آبپاشي نظام جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي ۽ بئراجن جي ڊگهي مدي واري استحڪام کي يقيني بڻايو ويندو.
ماهرن موجب منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمينن تائين پاڻي جي فراهمي وڌيڪ محفوظ ۽ مؤثر بڻجي ويندي، جنهن سان زرعي پيداوار ۾ به بهتري اچڻ جا امڪان آهن.

Share This Article
Leave a Comment