Focus with Zardari

اوٻاوڙو ۾ ڪڻڪ جي مبينا ذخيره اندوزي خلاف وڏو آپريشن، 10 کان وڌيڪ گودام سيل

1 Min Read

اوٻاوڙو (رپورٽ: علي رضا راجپوت) حساس ادارن ۽ ضلعي انتظاميا گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪڻڪ جي مبينا غيرقانوني ذخيره اندوزي خلاف آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ هٿ ڪري 10 کان وڌيڪ گودام سيل ڪري ڇڏيا.

اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو عشرت ظاهره، ڊي ايف سي نثار ميمڻ ۽ فوڊ انسپيڪٽر زبير ڪلوڙ جي نگراني ۾ مختلف هنڌن تي قائم گودامن جي جاچ ڪئي وئي، جتي وڏي مقدار ۾ ذخيرو ڪيل ڪڻڪ هٿ آئي. ڪارروائي دوران گودامن جو رڪارڊ ۽ لاڳاپيل دستاويز پڻ تحويل ۾ ورتا ويا.

انتظاميا الله وسايو چاچڙ، رياض احمد شيخ، عامر ٿهيم ۽ ٻين خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

ان موقعي تي آفيسرن چيو ته هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڪڻڪ جون قيمتون وڌائڻ ۽ ناجائز منافعي خوري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هنن ٻڌايو ته حڪومت جي هدايتن موجب ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائين جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ٻين شڪي گودامن جي به سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.

- Advertisement -

هوڏانهن شهرين انتظاميا جي ڪارروائي کي ساراهيندي مطالبو ڪيو آهي ته اهڙيون ڪارروائيون مستقل بنيادن تي جاري رکيون وڃن، جيئن عوام کي ڪڻڪ ۽ اٽو مناسب اگهن تي دستياب ٿي سگهي.

Share This Article
Leave a Comment