خيرپور: گهٽي جي لنگهه تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو، 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي

1 Min Read

خيرپور (شڪيل جانوري) خيرپور ڀرسان ڳوٺ متو بڙدي ۾ گهٽي جي لنگهه واري تڪرار تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

جهيڙي دوران ڏنڊن ۽ سروٽن جا وار لڳڻ سبب نازيا خاتون، دادن خاتون، مجاهد خاتون، ساجن بڙدي، سڄڻ، محمد نواز، جميل بڙدي سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو.

وڏي ڀاءُ ساجن بڙدي الزام هنيو ته سندس ننڍي ڀاءُ جميل بڙدي ۽ ٻين ماڻهن گهٽي جي لنگهه واري معاملي تان سندن گهر تي حملو ڪري امڙ ۽ ٻين گهرڀاتين کي زخمي ڪيو.

ساجن بڙدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته بااثر ماڻهن سندن ڀائرن ۾ اختلاف پيدا ڪري کين ويڙهايو آهي.

هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment